دلشاد مرزا

دلشاد مرزا

دلشاد مرزا

دلشاد مرزا: نامور نعت ۽ نوحه خوان دلشاد مرزا، سنڌ جي عظيم علمي مرزا خاندان سان واسطو رکي ٿي. سندس والد جو نالو منظور علي مرزا هو. دلشاد 21 آگسٽ 1960ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس والد مجلسن ۾ عزاداري ڪندوهو ۽ سندس چاچو واجد علي مرزا ڳائيندو هو. دلشاد گھر جي ماحول کان متاثر ٿي ڳائڻ شروع ڪيو. هارمونيم جي سکيا پنهنجي چاچي کان ورتائين. پرائمري تعليم سينٽ ميريز اسڪول حيدرآباد مان، انٽرميڊيٽ نذرٿ ڪاليج ۽ بي. اي زبيده ڪاليج حيدرآباد مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سوشيالاجي) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1986ع ۾ ڪيائين. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات غزل ڳائڻ سان ڪئي، ان وقت سندس عمر 9 سال هئي ۽ هوءَ چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي. هوءَ هن وقت قصيدي، نوحي، سوز ۽ نعت خوان جي حيثيت سان سنڌ توڙي ملڪ ۾ سڃاتي وڃي ٿي.
دلشاد مرزا پاڪستان جي ڪيترن شهرن کانسواءِ ڪاليج سطح تي سيرت النبي ڪانفرنس اسلام آباد جي نعتيه مقابلي ۾ به حصو وٺي چڪي آهي. هوءَ اسٽيج تي مقبول ٿيڻ کانپوءِ 1980ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي آئي، جتي نصير مرزا سندس آواز ۾ ڪجهه سوز، سلام ۽ نعتون رڪارڊ ڪرايون. پي. ٽي. وي تي کيس سلطانه صديقيءَ متعارف ڪرايو، جتي هن ميلاد ۾ حصو ورتو. هوءَ پريزيڊنٽ هائوس اسلام آباد، پي. ٽي. وي ۽ ريڊيو تي مسلسل نعت خواني ڪندي ۽ ميلاد پڙهندي رهندي آهي.
دلشاد مرزا پڙهائيءَ دوران ڳائڻ کان سواءِ راندين ۾ به سرگرم رهي، جن ۾ ٽيبل ٽينس، والي بال، بيڊمنٽن ۽ باسڪيٽ بال شامل آهن. هوءَ ملڪي سطح تي کيڏڻ سان گڏ صوبائي چيمپئن پڻ رهي چڪي آهي.
دلشاد مرزا، ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، Sindh Indigenous Traditional Crafts Company (SITCO) ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ SEMMIS ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهي چڪي آهي. هوءَ هن وقت ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ڪراچيءَ جي آفيس ۾ ڊائريڪٽر انسپيڪشن ۽ ڊائريڪٽر ايڇ. آر آهي.
دلشاد مرزا جا ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن: (1) صحرا ۾ دريا (اردو غزل ۽ نظم: 2009ع)، (2) ان ڪي در پر دستڪ (اردو حمد، نعت ۽ مناقب: 2011ع).


لفظ دلشاد مرزاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.21  عيسوي

نامور نعت ۽ نوحه خوان دلشاد مرزا، سنڌ جي عظيم علمي مرزا خاندان سان واسطو رکي ٿي. سندس والد جو نالو منظور علي مرزا هو. دلشاد 21 آگسٽ 1960ع تي ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالملڪ بن مروان
خليل کوسو
سيد محمد مڪي1
يارو فقيرريڍار
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
فضل احمد بچاڻي
ڄام اوڍو
سڪندر آفتاب خضر
ڊنشا هوشنگ نادر شاهه
ساران صديقي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون